شاهه بليغ الدين

شاهه بليغ الدين

شاهه بليغ الدين

شاهه بليغ الدين: اديب، تاريخدان، مبلغ، ديني عالم، شاهه بليغ الدين، 5 اپريل 1924ع تي حيدرآباد دکن ڀارت ۾ پيدا ٿيو. جامع عثمانيه مان بي.اي ڪيائين. تعليم دوران پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. آزاديءَ جي تحريڪ جي عملي مجلس جو صدر هو، ڪل حيدرآباد وفاق مسلم شاگردن جو به صدر رهيو، جامع عثمانيه جي نمائندن جو صدر ۽ انجمن شاگردن جي اتحاد جو به صدر رهيو. جنوري 1949ع ڌاري پاڪستان آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پهرين ايل. ايل. بي ۽ پوءِ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ بهادر يارجنگ اسڪول جو پهريون سيڪريٽري منتخب ٿيو ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي ريڊيو تان سندس خطبا نشر ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح ريڊيو پاڪستان تي ديني موضوعن تي سندس تقريرون نشر ٿيڻ لڳيون. تنهن کانپوءِ ٽي وي تي قرآن جو هفتيوار تفسيري پروگرام ‘بصيرت’ جي عنوان سان ۽ پوءِ ‘اُسوهء حُسنھ’، ‘رحمة اللعــٰلمين’ ۽ ‘ڪعبة الله’ جي موضوعن تي خاص پروگرام نشر ٿيا. سيرتِ نبوي، صحابه ڪرام، اهلِ بيت، غزوات نبوي، حقيقت ڪربلا ۽ قرآن مجيد جي اڪثر سورتن جي تفسير بابت سندس ڪيتريون ئي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون مشهور آهن. سيرت طيبه جي موضوعن تي پشاور يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، پنجاب يونيورسٽي، ڪاڪول اڪيڊمي، آمريڪا، ڪئيناڊا، هندستان، چين، انگلستان، بنگلاديش ۽ ٻين مُلڪن ۾ خصوصي ليڪچر ڏنا اٿس. ضياءُ الحق جي مجلس شورى جو ميمبر رهيو. 1985ع ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ پاڪستان مسلم ليگ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس تصنيفن ۾ سڀ کان اهم تصنيف ‘رزم حق و باطل’ آهي، جيڪا پهرين صدي هجريءَ جي واقعن تي مشتمل آهي، ٻين تصنيفن ۾ ‘روشني’، ‘تجلي’، ‘خوبى’ (شاگردن لاءِ)، ‘شب روز نبوي صلي الله عليه وسلم’، ‘قرآن اور تلاوت قرآن’، ‘نبي ڪي ڪام’، ‘نبي ڪي باتين’ ۽ ‘علم ڪي دنيا’ مشهور آهن.
شاهه بليغ الدين، 10 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.05  عيسوي

اديب، تاريخدان، مبلغ، ديني عالم، شاهه بليغ الدين، 5 اپريل 1924ع تي حيدرآباد دکن ڀارت ۾ پيدا ٿيو.


2009.10.10  عيسوي

شاهه بليغ الدين، 10 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير علي چانڊيو
ديوي ناگراڻي
رزاق سهتو
ضياء شڪيل احمد
حداد محمد علي
عابد مظهر ڊاڪٽر
سلطان حيدر مرزا
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
آفتاب نظاماڻي
حمـيـد سـنڌي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون